روپا ماڙيءَ جا کنڊر

روپا ماڙيءَ جا کنڊر

روپا ماڙيءَ ۾ دودي سومري جي قبر

روپا ماڙيءَ ۾ دودي سومري جي قبر

روپا ماڙي

روپا ماڙي (ماڳ): بدين شهر کان ڏکڻ طرف 26 ميلن جي پنڌ تي سنڌ جي مشهور سومري حاڪم ۽ قومي سورمي دودي جي ابدي آرامگاهه سان گڏ ’روپا ماڙيءَ‘ جا آثار اڃا تائين موجود آهن. روپا ماڙيءَ تي سال ۾ ٽي ڀيرا ميلو لڳي ٿو. هڪ ميلو اُتي جا ماڻهو پوهه مهيني بمطابق ڊسمبر/ جنوريءَ ڌاري دودي ۽ چنيسر جي مزارن تي لڳائيندا آهن. ٻيو ميلو بدين ۽ آسپاس جا ڪڇي سومرا 14 ڦڳڻ/ فيبروريءَ جي پهرئين هفتي ۾ هر سال ملهائيندا آهن ۽ ٽيون ميلو ’آل پاڪستان سومرا جماعت‘، ڪجهه سالن کان مارچ جي 25 کان 28 تاريخ تائين لڳائڻ شروع ڪيو آهي. ان کان سواءِ هر سنڌي مهيني جي پهرئين جمعي تي هتي معتقد مولود خواني ڪرڻ ويندا آهن. روپا ماڙيءَ تي اهي ميلا 700هه/1300ع کان وٺي لڳندا اچن. ’آل پاڪستان سومرا جماعت‘ ڪجهه سالن کان ميلو لڳائڻ جو رواج وڌو آهي، باقي ٻيا ٻه ميلا قديم وقت کان لڳندڙ آهن. روپا ماڙي جنهن جڳهه تي واقع آهي، ان جاءِ تي اڳي هڪ ننڍو شهر ’ڪونر سر‘ آباد هو، پر ان شهر جي ڪا خاص اهميت نه هئي.
هي ماڙي ڀونگر بادشاهه پنهنجيءَ زال روپا راڻيءَ لاءِ تعمير ڪرائي، ان ئي نسبت سان هن کي روپا ماڙي سڏيو. بادشاهه پنهنجيءَ راڻيءَ لاءِ ڪونر سر ۾ هڪ وڏي ماڙي ٺهرائي، جيڪا راڻيءَ جي نالي پٺيان روپا ماڙي مشهور ٿي. راڻيءَ مان کيس چنيسر پيدا ٿيو. هن پوءِ چنيسر جو سنڀاليندڙ ۽ جنگي سکيا جو استاد، سماٽ ذات جو فوجي سپهه سالار، دائود شيخ مقرر ڪيو. سومرا قبيلي جو سپهه سالار سپڙ هو، جيڪو ڀونگر بادشاهه جي غير موجودگيءَ ۾ وڳهه ڪوٽ سنڀاليندو هو ۽ وزير ٻارڻ ڀونگر سومري جو ٻانهن ٻيلي هوندو هو. جڏهن بادشاهه کي ڏاڏي پوٽيءَ مان دودو ڄائو، تڏهن ڀونگر بادشاهه جو خيال وڳهه ۽ روپا ماڙيءَ ڏانهن هڪجهڙو ٿي ويو.
687هه/ 1288ع ۾ ڀونگر بادشاهه وفات ڪئي. سندس قبرستان روپا ماڙيءَ جي ڀرسان، ڪاڪ جي ويجھو، ’ڀونگرا‘ نالي مڪان ۾ آهي. ڀونگر جي وفات کانپوءِ 678هه/ 1288ع ۾ جڏهن چنيسر گادي نشين ٿيو ته سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ به وڳهه ڪوٽ کان روپا ماڙيءَ ۾ ٿيو. ٺوڙهي ملاح، لاڏڻي گجر، شيخ دائود ۽ ٻين غير سومرن کي چنيسر وٽ حد کان وڌيڪ عزت ملي. شيخ دائود کي هو وڏو معتبر سمجھندو هو. چنيسر پاران وڳهه ڪوٽ تي دودو راڄ ڪندو هو. سالياني تاجپوشي روپا ماڙيءَ ۾ ٿيندي هئي ۽ اتي ئي حڪومت جا خاص فيصلا ٿيندا هئا ۽ فرمان جاري ٿيندا هئا. جڏهن ’ٻارڻ‘ وزير وفات ڪري ويو، ته ’سپڙ‘ سپهه سالار مان چنيسر جي مطمئن نه هجڻ ڪري سومرن ۾ روپا ماڙيءَ جي راڄ لاءِ ڪجهه اختلاف ٿيا. اهي ڳالهيون 696هه/ 1296ع تائين وڌي وڻ ٿي ويون ۽ چنسير کي تخت ڇڏي، گجرات کان ڪرن واگهيلي جي وزير ماڌو راءِ سان گڏجي، 697هه/1297ع ۾ علاءَ الدين جي درٻار ۾ پهچڻو پيو. ماڌوراءِ، ڪرن واگهيلي جو وزير هو ۽ ڪرن واگهيلي جي تڪليفن کان لاچار ٿي، علاءَ الدين کي دانهن ڏيڻ ويو. ان سان گڏ چنيسر به علاءُ الدين جي درٻار ۾ پهتو. چنيسر وڃڻ کان پوءِ روپا ماڙيءَ جو انتظام شيخ دائود جي حوالي ڪيو، پر پوءِ ان سان ڳالهه ٻولهه کانپوءِ دودي اهو انتظام سنڀاليو ۽ روپا راڻي ۽ ماڙيءَ جي حفاظت ڪئي.
698هه/1298ع ۾ گجرات تي قبضو ٿيو. ان کانپوءِ انهيءَ لشڪر جو منهن سنڌ ڏانهن ٿيو. سنڌ تي ٻن هنڌن، هڪ بکر کان ۽ ٻيو ننگرپارڪر کان حملو ٿيو. ننگرپارڪر واري حملي ۾ ماڌو راءِ جو مکيه هٿ هو ۽ بکر واري لشڪر جي اڳواڻي محمد خان پٺاڻ، محمد شاهه ۽ تمر بيگ ڪري رهيا هئا. 699هه/ 1299ع ۾ اهو لشڪر سنڌ اندر داخل ٿيو. جيئن ته انهيءَ لشڪر جو ڪم قتل ۽ غارتگري ڪرڻ هو، انهيءَ ڪري ملڪ کي لٽيندو ۽ ڦريندو، آهستي آهستي اڳتي وڌي رهيو هو. اهو لشڪر جتي به رات رهندو هو، اتي سنڌين جي راتاهي جي ڊپ کان، خندقون کوٽي انهن ۾ رهندو هو ۽ هڪ منزل کان نڪري ٻيءَ منزل ڏانهن پهچڻ لاءِ لشڪر کي ڪجهه وقت لڳندو هو.
ننگر، ڀونگر، محمد سومرو، سپڙ سومرو ۽ ٻيا زبردست فوجي جوان جنگ کي منهن ڏيندا رهيا. سنڌين، ڌارين جي لشڪر تي پنهنجي سگهه موجب ننڍا ننڍا لشڪر ٺاهي حملا ڪيا ۽ شهيد ٿي پاڻ ملهايو. ويرا واهه (ننگر پارڪر) واري لشڪر کي سامهون محمد سومرو، هاسو سوڍو ۽ ٻيا ٿيا. ماٿيلي (بکر) کان ايندڙ لشڪر کي سامهون ننگر، مونگر، ڀونگر ۽ ٻيا ٿيا. ڏينهون ڏينهن لشڪر روپا ماڙيءَ ڏانهن اوڀر ۽ اتر کان وڌي رهيو هو ۽ چؤڌاري جنگ ۾ سومرن کي شڪست ٿي رهي هئي. سومرن، خاص ڪري سردار سومرن ۽ حڪومت جي ذميوار خاندانن پنهنجون سامون ابڙي ڏانهن موڪلي ڏنيون، محمد طور (مهاتم تور) جي سومرين، هيرا ۽ موتي، جنڊن ۾ پيهين ضايع ڪري ڇڏيا. وسائي جي ڪوٽ (ماڙيءَ) ۾ ائين ٿيو. وڳهه ۽ روپا ماڙيءَ جون سومريون ڪڇ ڏانهن ابڙي وٽ سام پوڻ لاءِ روانيون ٿي ويون. ابڙي سمي ڏانهن سومرين کي ’ڀاڳوڀان‘ وٺي وڃي رهيو هو. هوڏانهن ابڙي سمي وٽ جيڪو به ڪجهه هو، سو ٻارائي، مَچ ڪيائين، جيئن سومريون راهه ڀلجي نه وڃن. البت روپا راڻيءَ وڃڻ کان انڪار ڪيو. دودو جنگ ۾ پنهنجا جوان مارائيندو، رت روئيندو رهيو، پر روپا ماڙيءَ کان هڪ پير به ٻاهر چُري نٿي سگھيو. ڇو ته هن کي شيخ دائود جي جڳهه تي روپا راڻيءَ جي حفاظت ڪرڻي هئي. جنگ ڏينهون ڏينهن ويجھي پوندي وئي. دودو انهيءَ جنگ ۾ بيحد بهادريءَ سان وڙهيو. هو روپا ماڙيءَ کان پري وڃي نٿي سگهيو. ان جي اردگرد جنگ پئي ڪيائين. آخر لشڪر کيس ويجھو اچي گهيرو ڪيو، جنهن ۾ هن روپا ماڙيءَ جي زناني در وٽ روپا راڻيءَ جي حفاظت ڪندي 1300ع ۾ پنهنجي جان قربان ڪري ڇڏي. پنهنجي ڀاءُ دودي کي رت ۾ ٻڏل ڏسي چنيسر جي رڳن ۾ جوش اچي ويو ۽ هن خود مغل فوج سان جنگ شروع ڪري ڏني، جنهن ۾ نيٺ پاڻ به مارجي ويو. ان حالت ۾ روپا راڻي پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي ۽ ان سان گڏ سڄي ماڙي سڙي رک ٿي وئي. روپا راڻيءَ جي قبر دودي جي قبر کان ميل مفاصلي تي آهي. دودي کي اتي ئي دفن ڪيو ويو، جتي شهيد ٿيو هو. اڄ به روپا ماڙيءَ جي اڳيان دودي جي قبر موجود آهي. چنيسر جي قبر روپا ماڙيءَ کان ميل ڏکڻ طرف آهي. چنيسر جي قبر کان ميل اولهه طرف، شيخ دائود جي قبر آهي. روپا ماڙيءَ جي خاتمي کانپوءِ مغل فوج ڪڇ ڏانهن ڪاهي وئي. ابڙو سمو سر ڏئي سرهو ٿيو، پر سامون ڪين ڏنائين. ابڙي سمي سان گڏ سمٽ سمو، راهو سمو، ڪاڪريو فقير ۽ مالو ميگهواڙ به قربان ٿيا.
روايت آهي ته ان کانپوءِ بيواهه سومريون رب کان پناهه گهرڻ لڳيون، ڌرتي ڦاٽي ۽ سومريون ستيون هميشه لاءِ ان ۾ سمائجي ويون. ستين جي مقام تي سومرا سال بسال 14 ڦڳڻ/ فيبروريءَ جي پهرئين هفتي ۾ ميلو ڪندا آهن. ڀاڳوڀان جا پويان اهو ميلو لڳائيندا آهن. ڪڇ مان به جڏهن حملو ڪندڙ فوج کي ڪجهه به نصيب نه ٿيو، تڏهن واپس موٽي وئي. واپس ورندڙ فوج کي هڪ امير صالح سومري ايڏو تنگ ڪيو، جو وڏيءَ مشڪل سان لشڪر جو ٿورو حصو واپس ٿي سگهيو. روپا ماڙي 640هه ۾ ٺهي ۽ 700هه ۾ تباهه ٿي وئي.
- ’روپا ماڙي‘ نالي سان حيدرآباد ۾ واڌو واهه جي ڪپ تي سومرا ڳوٺ ۽ نيرن ڪوٽ ريسٽارنٽ ڀرسان هڪ ريسٽارينٽ قائم آهي، جنهن جا مالڪ نسيم نگر جا مقامي سومرا آهن.


لفظ روپا ماڙيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو